عمران خان تي قاتلاڻي حملي بعد تحريڪ انصاف جو ملتوي ڪيل لانگ مارچ ڇهن ڏينهن جي وقفي کانپو اڄ وزيرآباد کان ٻيهر شروع ڪيو ويندو، جيڪو پنهنجي منزل راولپنڊي، اسلام آباد ڏانهن روانو ٿيندو. تحريڪ انصاف قيادت مطابق ٻه لانگ مارچ نڪرندا، جن مان هڪ جي اڳواڻي اسد عمر ڪندو ۽ ٻيو مارچ شاهه محمود قريشي جي قيادت ۾ اڳيان وڌندو، جڏهن ته پارٽي چيئرمين عمران خان راولپنڊي ۾ اڳواڻي ڪندو. ٻئي طرف اڳوڻي وزيراعظم عمران خان پنهنجي موقف ۾ تبديلي آڻيندي چيو آهي ته شهباز شريف جي اتحادي حڪومت طرفان اهم عهدي تي مقرري تي اسان کي ڪو به اعتراض ناهي، هن آرمي چيف جي مقرري بابت تحريڪ انصاف سان صلاح مشورو ڪرڻ واري مطالبي جي ترديد ڪندي چيو ته اهڙي ڳالهه ناهي، حڪومت جنهن کي چاهي آرمي چيف مقرر ڪري، پنجاب پوليس منهنجو ڪيس داخل ڪرڻ کان انڪار ڪيو، سوال اهو آهي ته پوءِ پنجاب پوليس کي ڪير ڪنٽرول ڪري رهيو آهي؟ بند ڪمري ۾ چئن ماڻهن مون کي قتل ڪرڻ جي رٿابندي ڪئي ۽ رٿابندي ڪندڙ طاقتور ماڻهن بلٽ پروف شيشي جي به پرواهه نه ڪئي. اسان واقعي جي آزاداڻي جاچ چاهيون ٿا، اڳتي وڌڻ جو هڪ ئي رستو آهي ته عوام پنهنجي پسند جي حڪومت چونڊي. عمران خان پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ چيو ته حملي کان اڳ منصوبي جي نگراني ڪندڙ ٻئي آفيسر جو به جلد نالو کڻندس، آئون ان ٻئي آفيسر جو به نالو ٻڌائيندس جيڪو مون تي حملي واري ڏينهن مبينا طور ڪنٽرول روم ۾ ويهي سڄي منصوبي تي عملدرآمد جي نگراني ڪري رهيو هو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close