سنڌ جي قديم ماڳ موهن جو دڙو جو ايئرپورٽ ٿاڻي جي عمارت کي ڏار پئجي ويا، جڏھن ته ايئرپورٽ ٿاڻي جي ايس ايڇ او جي ڪمري جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا. جڏھن ته ايس ايڇ او ڪمري ۾ ويهڻ ڇڏي ڏنو آھي. جڏھن ته ايئرپورٽ ٿاڻو موهن جي دڙي جي نالي سان مشھور ۽ تعلقي ڏوڪري جو وڏو ٿاڻو آھي. جتي ڏيهي پرڏيهي سياح موهن جو دڙو گهمڻ ايندا آھن، جتي سياحن کي هي ٿاڻو سيڪيورٽي فراهم ڪندو آھي. هي ايئرپورٽ ٿاڻو موهن جو دڙو آرڪيالاجي کاتي جي پلاٽ تي عارضي طور قائم آھي. هوڏانهن ايس ايڇ او ايئرپورٽ علي مراد کوسو ميڊيا کي ٻڌايو ته ايئرپورٽ ٿاڻو جي پنهنجي عمارت ناهي، ٿاڻي جي عمارت زبون حال ٿي وئي آھي. ڪمري جي ڇت جا چاپڙ ڪري پيا آھن ۽ عمارت هنڌان هنڌان ڏار ڏئي وئي آھي. هن چيو ته ڪهڙي وقت به ٿاڻي جي عمارت ڪري سگهي ٿي، جنهن ڪري جاني نقصان جو خدشو موجود آھي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close