بخشاپور سميت سموري دنيا ۾ سک پنٿ جي باني بابا گرو نانڪ جو 553 ھون جنم ڏھاڙو وڏي جوش ۽ جذبي سان ملھايو ويو. بابا گرو نانڪ جي جنم ڏھاڙي جي مک تقريب گردوارا جنم اسٿان نانڪاڻا صاحب ۾ منعقد ڪئي وئي. گرو نانڪ جي جنم ڏھاڙي جي موقعي تي گردوارا جنم اسٿان کي گلن ۽ رنگ برنگي بتين سان سينگاريو ويو، جنم ڏھاڙي ميلي جي موقعي تي لکين عقيدتمندن نانڪاڻا صاحب پھچي پنهنجي روحاني مرشد بابا گرو نانڪ جي جنم اسٿان تي حاضري ڀري. جنم ڏھاڙي ميلي جي موقعي تي دنيا جي ٻين مختلف ملڪن مان به ھزارين عقيدتمندن پھچي ميلي ۾ شرڪت ڪئي. بابا گرو نانڪ جي جنم ڏھاڙي تي ٽن ڏينهن واري اکنڊ پاٺ جو آرنڀ ڪري ڀوڳ لڳايو ويو ۽ پالڪي سجائي نگر ڪيرتن ڪيو ويو. ان موقعي تي شاندار آتشبازي جو مظاهرو ڪيو ويو. ميلي ۾ شريڪ پانڌيئڙن جي کاڌي پيتي لا سون جي تعداد ۾ فري اسٽال لڳايا ويا ۽ لنگر پرساد جو پڻ آيوجل ڪيو ويو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close