دي سينيئر سٽيزنس آرگنائيزيشن پاڪستان جي سيڪريٽري انفارميشن ڊاڪٽر شاهد اختر خانزده حيدرآباد پريس ڪلب ۾ ڊاڪٽر رفيق الحسن کوکر، الاهي بخش ۽ ٻين سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پاڪستان ۾ قانون هجڻ باوجود سينيئر سٽيزن بنيادي حقن کان محروم آهن. قانون موجب 60 سال جي ڄمار ۾ پهتل ماڻهو سينيئر سٽيزنس ۾ شامل ٿي وڃي ٿو، جنهن کي ٻين شهرين جي ڀيٽ ۾ اوليت جي بنيادن تي حق حاصل آهن پر ان جي برعڪس اڄ به سينيئر سٽيزنس ملڪيت جي حق، سارسنڀال، علاج معالج، امتيازي سلوڪ ۽ ٻين مسئلن جو شڪار آهن. هن چيو ته پيش ايندڙ مسئلن کي سامهون رکندي دي سينيئر سٽيزنس آرگنائيزيشن پاڪستان جو بنياد رکيو آهي، جنهن پليٽ فارم تان ملڪ جي سينيئر سٽيزنس جي حقن لاءِ جدوجهد ڪئي ويندي. هن مطالبو ڪيو ته ملڪ جي سينيئر سٽيزنس کي آئين ۽ قانون تحت حق ڏنو وڃي، جيئن عمر جي آخري حصي ۾ سينيئر سٽيزنس پنهنجي زندگي جا باقي رهيل ڏينهن بهتر نموني گذاري سگهن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close