آمريڪا هڪ دفعو ٻيهر عمران خان تي قاتلاڻي حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته سياست ۾ تشدد جي ڪا به جاءِ نه آهي، سڀني ڌرين کي چئون ٿا ته تشدد ۽ ڌمڪين کان پاسو ڪن. آمريڪي پرڏيهي وزارت جي ترجمان نيڊ پرائس بريفنگ ڏيندي چيو ته آمريڪا پاڪستان کي جمهوري ۽ پرامن ڏسڻ جو عزم رکي ٿو، اسان پاڪستان جي ماڻهن سان گڏ بيٺا آهيون، گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ پاڪستان ۾ جيڪو ٿيو ان تي ڳڻتي آهي. ترجمان چيو ته عالمي حق جهڙوڪ راءِ جو اظهار ۽ احتجاج جي آزادي کي مٿي رکڻ گهرجي. صحافت جي آزادي ۽ راءِ تي سمورن ملڪن سان خدشا اٿاريندا رهون ٿا، پاڪستاني عملدارن سان به ان صحافت جي آزادي بابت ڳالهائيندا رهنداسين، آزاداڻي صحافت ڪنهن به قوم ۽ جمهوري مستقبل لاءِ اهم آهي. نيڊ پرائس چيو ته روس ۽ ڀارت لاڳاپا ڏهاڪن تي ٻڌل آهن جيڪي سرد جنگ ۾ شروع ٿيا، ڀارت سان آمريڪا جا اقتصادي، سيڪيورٽي ۽ عسڪري لاڳاپا نه جڙي سگهيا هئا. هن وڌيڪ چيو ته ٻن ڏهاڪن ۾ ڀارت- آمريڪا لاڳاپا اڳتي وڌيا جن ۾ اقتصادي ۽ سيڪيورٽي لاڳاپا شامل آهن، ڀارت چئي چڪو آهي ته هو يوڪرين جنگ ۽ رتوڇاڻ جي خلاف آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close