سنڌ جي نامور ڪهاڻيڪار، افسانا ۽ ڊراما نگار شوڪت حسين شوري جي پهرين ورسي جي موقعي تي ثقافت کاتي ۽ سنڌي ٻولي جي بااختيار اداري هڪ تقريب منعقد ڪئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ اديبن، شاعرن ۽ ليکڪن شرڪت ڪئي. مقررن کيس زبردست ڀيٽا ڏيندي چيو ته شوڪت حسين شوري سنڌ توڙي هند جي سنڌي اديبن ۽ شاعرن کي هميشه پاڻ ۾ جوڙي رکيو. هو جديد ادب ۽ فڪشن جو پاڙهو ليکڪ هو. تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي نامور ليکڪ مدد علي سنڌي چيو ته شوڪت حسين شوري جي شخصيت جي هر پهلوءَ تي ڳالهائڻ لا تمام وڏو مواد آهي، هُو گهڻ رخي شخصيت جو مالڪ هو، 50 سالن جا داستان آهن، ان تي ڳالهائڻ لا ايترو وقت ۽ حوصلو گهرجي. شوڪت حسين شوري جي ڀا ڪهاڻيڪار مشتاق شوري چيو ته شوڪت جو وڇوڙو اسان جي ڪٽنب لا ڪنھن غير يقيني حادثي کان گهٽ نه هو، جنهن تي ڳالهائڻ لاءِ مون وٽ همت ناهي. ڊاڪٽر اسحاق سميجي چيو ته شوڪت حسين شوري جي شخصيت ۽ تحرير منفرد ۽ دل کي وڻندڙ هئي، هن جي خاموشي جون سوين معنائون هيون. هن جي ڪهاڻين کي ترقي پسند ۽ قومپرست لاڙن گهڻو منفرد بڻايو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close