ڪنڊيارو: ڪنڊيارو ۾ سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي پاران پ پ ايم پي اي سيد سرفراز حسين شاهه جي بنگلي اڳيان اڄ ڌرڻو هڻڻ جو اعلان ڪيو آهي. ان ڏس ۾ سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گهانگهرو ۽ حمزا علي چانڊيو نيشنل پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته برسات سبب ڪنڊيارو تعلقو سخت متاثر ٿيو آهي، هن وقت برسات متاثر بي يارومدد گار بڻيل آهي، پ پ ايم پي اي رات جي وقت من پسند ماڻهن کي راشن، ٽينٽ ۽ ڪمبل ڏئي رهيو اهي، پر کائنس ڪير به پڇڻ وارو نه آهي، برسات متاثرن جي سامان ۾ ڪرپشن ڪئي وئي آهي، اسان غريب متاثرن جي واهر ڪرڻ لاءِ مسلسل جدوجهد ڪري رهيا آهيون، برسات متاثرن جي حق تي ڌاڙو ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، جيڪڏهن فوري طور تي برسات متاثرن کي سامان نه ڏنو ويو ته احتجاجي تحريڪ هلائي ويندي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close