ڪراچي: ڪراچي ۾ سي ٽي ڊي پوليس آن لائين هٿيار وڪرو ڪرڻ جي الزام هيٺ 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آھي، مختلف قسمن جا غيرقانوني 20 هٿيار ۽ وڏي مقدار ۾ گوليون به هٿ ڪيون ويون آھن. سي ٽي ڊي انچارج راجا عمر خطاب پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته هٿيار وڪرو ڪندڙ جوابدار سوشل ميڊيا ذريعي ڪاروبار ڪندا هئا، اهي هٿيار پشاور مان هتي اچن ٿا. هن چيو ته ڪارروائي ڪري چئن جوابدارن عظمت الله، بشير خان، فرمان الله ۽ فضل خان کي گرفتار ڪيو آهي، جوابدار هٿيار ڪراچي ۾ آڻڻ کانپوءِ آن لائين وڪرو ڪندا هئا، جوابدارن جو وڏو نيٽ ورڪ آهي، جيڪي سڄي سنڌ اندر اهي هٿيار وڪرو ڪندا هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close