پاڪستانسنڌ

ڪراچي ۾ گذريل سال جي ڀيٽ ۾ هلندڙ سال اسٽريٽ ڪرائيم ۾ 11 سيڪڙو واڌ

ڪراچي: ڪراچي شهر ۾ هلندڙ سال اسٽريٽ ڪرائيم جون وارداتون لڳ ڀڳ 73 هزار تائين ٿيون آهن، گذريل سال جي ڀيٽ ۾ 2022 ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جي ڏوهن ۾ 11 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. تفصيل مطابق ڪراچي ۾ ڦرلٽ جون وارداتون بدستور جاري آهن، هلندڙ سال اسٽريٽ ڪرائيم جون وارداتون 73 هزار جي لڳ ڀڳ پهتيون، سال 2021 جي ڀيٽ ۾ 2022 ۾ اسٽريٽ ڪرائيم 11 سيڪڙو وڌيو، 2021 جي 10 مهينن ۾ 65 هزار 901 جڏهن ته 2022 ۾ ساڳئي عرصي ۾ 73 هزار 941 وارداتون ٿيون، شهر ۾ رات جي وقتن ۾ اسنيپ چيڪنگ ۽ شاهين فورس قائم ٿيڻ جي باوجود آڪٽوبر ۾ سيپٽمبر کان وڌيڪ وارداتون رڪارڊ ٿيون آهن. آڪٽوبر مهيني ۾ اسٽريٽ ڪرائيم جون 7 هزار 789 وارداتون رپورٽ ٿيون ۽ گاڏي چوري جا واقعا به وڌي ويا آهن. آڪٽوبر مهيني ۾ موٽرسائيڪل چوري ۽ ڦر جون 5 هزار 42 وارداتون ٿيون ۽ شهري 215 گاڏيون وڃائي ويٺا، ڪراچي ۾ هٿيار جي زور تي آڪٽوبر ۾ 2 هزار 232 موبائيل فونز به کسيا ويا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button