ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ اليڪشن ڪميشن کي حڪم ڏنو آهي ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اليڪشن ڪرائي وڃي. ڪالهه جماعت اسلامي ۽ پي ٽي آئي جي سنڌ ۾ مڪاني چونڊون جلد ڪرائڻ جي درخواستن جي شنوائي ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جي ٻه رڪني بئنچ رينجرز ۽ آئي جي سنڌ کي اهلڪارن جي ڪل تعداد جي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو، سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾مڪاني اليڪشن ۾ دير بابت جلد بلدياتي اليڪشن ڪرائڻ جي جماعت اسلامي ۽ پي ٽي ائي جي درخواستن جي شنوائي ٿي. جسٽس يوسف علي سيد پڇاڻو ڪيو ته بار بار ڇو ملتوي ڪري رهيا آهيو، سيڪيورٽي جو ڇا مسئلو آهي؟ چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اليڪشن ڇو نٿا ڪرايو، اوهان جي ذميواري آهي اليڪشن ڪرائڻ. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل موقف ڏنو ته ڪالهه موڪل جي ڪري اجلاس نه ٿي سگهيو.
چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته هي اليڪشن ڪميشن ڪوئي اسڪول نه آهي، موڪل هئي ته ڇا ٿيو اجلاس ٿي پئي سگهيو، عدالت ڪاوڙ ڪندي چيو ته گهڻو ٿيو، اليڪشن ڪرايو اوهان. چيف جسٽس پڇاڻو ڪيو ته آئي جي سنڌ ۽ ڊي جي رينجرز جون رپورٽون ڪٿي آهن. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل موقف ڏنو ته سنڌ حڪومت درخواست ڪئي آهي ته پوليس ٻوڏ متاثرن جي امدادي ڪمن جي سيڪيورٽي تي مقرر آهي. چيف جسٽس احمد علي شيخ ريمارڪس ڏنا ته ٻوڏ ۾ ڪهڙي پوليس بيهندي آهي؟ ٻڌايو ته ٻوڏ متاثرن وٽ پوليس ڇا ڪري رهي آهي؟ ڪهڙي ڊيوٽِي آهي پوليس جي؟ ڪو هڪ ڳوٺ ٻڌايو جتي پوليس ٻوڏ متاثرن لاءِ آپريشن ڪيو هجي. ڪيتري نفري آهي سنڌ ۾؟ ٻڌايو پوليس ڪٿي ڪٿي مقرر آهي؟
ايڊووڪيٽ جنرل وڌيڪ مهلت جي اپيل ڪري ڇڏي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان گهڻو وقت نه ڏينداسين اسان کي ترت رپورٽ گهرجي. ڊي جي رينجرز ۽ آئي جي سنڌ کي اهلڪارن جي ڪل انگ جي رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. عثمان فاروق ايڊووڪيٽ موقف ڏنو ته ڊي جي رينجرز کي گهرايو وڃي ته جيئن ٺيڪ رپورٽ اچي سگهي. عدالت ريمارڪس ڏنا ته ڊي جي رينجرز ۽ آئي جي سنڌ پاڻ پيش ٿين يا سينيئر آفيسر کي مقرر ڪن. اليڪشن ڪميشن جي وڪيل موقف ڏنو ته اليڪشن ڪميشن جو اجلاس ٿي وڃي پوءِ شنوائي رکي وڃي. چيف جسٽس ريمارڪس ڏنا ته اسان کي اجلاس سان ڪو واسطو نه آهي، اوهان ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ اليڪشن ڪرايو. عدالت شنوائي 14 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.