حڪومت اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ (ن) جي سربراهه نواز شريف کي سفارتي پاسپورٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي. نواز شريف جي خانداني ذريعن تصديق ڪئي ته اڳوڻي وزيراعظم کي سفارتي پاسپورٽ ملي ويو آهي. نواز شريف جو چوڻ آهي ته سفارتي پاسپورٽ وٽس ڪيترن ئي ڏينهن کان موجود آهي. ايڪسپريس نيوز کي حڪومتي ذريعن کان مليل اطلاعن موجب پرڏيهي وزارت جي حتمي منظوري بعد حڪومت نواز شريف کي ايندڙ 5 سالن لا پاسپورٽ جاري ڪيو آهي، جيڪو پاسپورٽ اينڊ اميگريشن آفيس مان اڳوڻي وزيراعظم جي ايڊريس تي موڪليو ويو آهي. تحريڪ انصاف جي اڳوڻي حڪومت عدالتن مان اشتهاري قرار ڏيڻ بعد نواز شريف جو پاسپورٽ منسوخ ڪري ڇڏيو هو ۽ عمران خان بعد ۾ مدو وڌايل پاسپورٽ به جاري ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو. ياد رهي ته نواز شريف جلد وطن واپسي جو اشارو ڏئي چڪو آهي. هوڏانهن سفارتي پاسپورٽ جاري ٿيڻ کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف لنڊن ۾ پارٽي سربراهه نواز شريف سان 2 اهم ملاقاتون ڪيون. پهرين ملاقات لڳ ڀڳ ساڍا 3 ڪلاڪن تائين جاري رهي، جنهن ۾ مريم نواز به شريڪ هئي. وزيراعظم شهباز شريف جي لنڊن ۾ ٻن ڏينهن دوران نواز شريف سان ٻي ملاقات ٿي آهي. ذريعن موجب ملاقات ۾ تحريڪ انصاف جي ٻيهر شروع ٿيل لانگ مارچ، آرمي چيف جي مقرري، ايندڙ عام چونڊن سميت ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي ۽ ٻين معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. پارٽي ذريعن موجب ملاقات دوران نواز شريف ۽ شهباز شريف وچ ۾ اتفاق را سان اهو طئي ٿيو آهي ته سڀئي فيصلا مرضي سان ڪيا ويندا، سياسي ۽ ملڪي معاملن تي ڪنهن جو به ڪو دٻا قبول نه ڪيو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close