تحريڪ انصاف جي ٻيهر شروع ٿيل لانگ مارچ لا نوان بلٽ پروف ڪنٽينر تيار ڪيا ويا، جن تي بلٽ پروف شيشا ۽ روسٽرم پڻ لڳايو ويو آهي، جڏهن ته مارچ ۾ شريڪ اڳواڻن توڙي ڪارڪنن جي سيڪيورٽي لا پنجاب پوليس پنهنجا 20 هزار اهلڪار مقرر ڪري ڇڏيا آهن، لانگ مارچ انتظاميا کي سيڪيورٽي بابت ايس او پيز تي هر صورت ۾ عمل ڪرڻ جي درخواست ڪئي وئي آهي. پنجاب پوليس جي ترجمان مطابق وزيرآباد ۽ ٽوبه ٽيڪ سنگهه کان شروع ٿيندڙ لانگ مارچ تي ڪل 20 هزار سيڪيورٽي اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن، ايس او پيز مطابق ڪنهن به غير واسطيدار شخص يا گاڏي کي ڪنٽينر ويجهو اچڻ نه ڏنو ويندو، جڏهن ته لانگ مارچ جي ٻنهي قافلن جي ڪنٽينرز تي بلٽ پروف شيشا ۽ روسٽرم لڳايا ويا آهن لانگ مارچ جي رستن جي عمارتن تي ڪمانڊوز مقرر ڪيا ويندا ۽ سي سي ٽي وي ڪئميرائن سان به نگراني ٿي رهي آهي. لانگ مارچ ۾ هٿياربند پرائيويٽ محافظن کي اچڻ نه ڏنو ويندو، هوائي فائرنگ تي به پابندي هوندي، جڏهن ته سينٽرل پوليس آفيس ۾ قائم ڪنٽرول روم مان مانيٽرنگ جو عمل جاري رهندو، اسپيشل برانچ، سي ٽي ڊي ۽ ضلعي پوليس کي لانگ مارچ جي روٽس تي سرچ اينڊ ڪومبنگ آپريشنز روزاني جي بنيادن تي ڪرڻ جون هدايتون ڪيون ويون آهن، ڪنهن به هنگامي صورتحال کي منهن ڏيڻ لا ريسڪيو ڊبل ون ڊبل ٽو (1122) کي ذميواري ڏني وئي آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close