پاڪستان

عمران خان جا ٻئي پٽ طبيعت پڇڻ لنڊن کان لاهور پهچي ويا

اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي عيادت لا سندس ٻئي پٽ قاسم ۽ سلمان لاهور پهچي ويا، ٻنهي والد سان ڀاڪر پائي سندس خير خيريت پڇي. تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان تي قاتلاڻي حملي بعد سندس ٻئي پٽ قاسم ۽ سليمان عيادت ڪرڻ لا لنڊن کان لاهور پهتا آهن. قاسم ۽ سليمان کي لاهور جي علامه اقبال ايئرپورٽ کان بلٽ پروف گاڏي ۽ اسڪواڊ جي سيڪيورٽي ۾ زمان پارڪ پهچايو ويو، جتي ٻنهي ڀائرن پنهنجي والد عمران خان سان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي قاسم ۽ سليمان پنهنجي والد سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان تي حملي جي خبر اسان کي پريشان ڪري ڇڏيو هو. ذريعن موجب عمران خان پنهنجي پٽن سان مرڪندي ۽ وڏي حوصلي سان مليو، هن چيو ته الله تعاليٰ جو ڪرم آهي جو الله سائين حملي ۾ بچائي ورتو. واضح رهي ته گذريل هفتي عمران خان قاتلاڻي حملي بعد برطانيا ۾ پنهنجي ٻارڙن سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو هو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button