ڀان سيد آباد جي رهواسي پسند جو پرڻو ڪندڙ دلشير شيخ پنهنجي زال ريشمه اوڏ سان گڏ ڪالهه حيدرآباد پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته 5 نومبر تي اسلام قبول ڪري 7 نومبر تي پنهنجي رضا ۽ خوشي سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي، جڏهن ته ريشمه جي اڳوڻي مڙس شهزادو پٽ صاحب اوڏ ۽ ان جي مائٽن پاران اسان جي خلاف ڪو به ڪيس داخل ڪيو وڃي ته ان کي ڪوڙو ۽ بي بنياد سمجهيو وڃي. هن وس وارن کي اپيل ڪئي ته اسان کي تحفظ فراهم ڪري مخالفن جي ڪنهن به ڪارروائي کان بچايو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close