
لاڙڪاڻي مان پنجاب جي شهر ننڪانه صاحب ۾ بابا گرو نانڪ جي 553 هين جنم ڏينهن جي تقريبن ۾ شرڪت ڪرڻ بعد لاڙڪاڻي پهتل خصوصي ٽرين ياترين کي لاڙڪاڻو ريلوي اسٽيشن تي ڇڏي ڪراچي طرف روانو ٿيڻ بعد ريلوي اسٽيشن ويجهو پنج سنگل وٽ ٽرين جي بوگي نمبر 6 پٽڙي تان لهي وئي. ريلوي انتظاميا موجب پٽڙي تان لٿل بوگي جي بحالي جو ڪم جاري آهي جيڪو ڪجهه ڪلاڪن ۾ مڪمل ٿي ويندو. هوڏانهن واقعي جي اطلاع تي سوين شهري ٽرين کي ڏسڻ لاءِ پهتا جتي پوليس اهلڪارن پهچي شهرين کي ڇڙوڇڙ ڪري ڇڏيو.