
لاڙڪاڻي جي مشهور اکين جي ماهر ڊاڪٽر نعيم اختر ڪٽپر جو والد، صحت کاتي سنڌ ۾ وڏن عهدن تي فائز رهندڙ ڊاڪٽر عبدالله ڪٽپر 85 ورهين جي ڄمار ۾ ڪراچي اسپتال ۾ وفات ڪري ويو. مرحوم عبدالله ڪٽپر سکر، نوابشاهه، شڪارپور، ٺٽي ۽ ٻين ضلعن ۾ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر رهڻ کانسواءِ پراجيڪٽ ڊائريڪٽر سنڌ هيلٿ آ پي آ ۾ پڻ خدمتون سرانجام ڏنيون. مرحوم عبدالله ڪٽپر پويان ڏهه ٻارن جي اولاد ۾ چار پٽ، ڇهه نياڻيون ۽ ٻه گھر واريون سوڳوار ڇڏيون آهن.