
لاڙڪاڻي ۾ آپڪا مطالبن جي مڃتا لاءِ ڊي اِي او آفيس کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي. ان موقعي تي ضلعي صدر رفيق احمد جتوئي، انيس عباسي، پيرل دايو، محمد شريف عمراڻي، مبين ٻرڙو ۽ ٻين چيو ته ادارن ۾ سياسي بدليون ڪري ملازمن ۽ ڪلارڪن کي حراسان ڪيو پيو وڃي ۽ سالن کان وٺي جائز مطالبا تسليم نه ڪري وڏي ناانصافي ڪئي وئي آهي. ان لاءِ ڪيترائي ڀيرا وڏي وزير ۽ لاڳاپيل کاتن جي صوبائي وزيرن توڙي سيڪريٽرين خاطريون به ڪيون پر اڄ ڏينهن تائين ان ۾ ڪا اڳڀرائي نه ٿي آهي، جنهن ڪري ملازمن ۾ مايوسي پکيڙيل آهي.