
ڄامشورو: لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ۾ نرسنگ جي ڪم جي معيار کي بهتري لاءِ عالمي سطح جي ٻن ڏينهن واري آن لائين ڪانفرنس شروع ٿي وئي. پيپلز نرسنگ اسڪول لمس ڄامشورو جي ميزباني هيٺ لمس جي لطيف هال ۾ رٿيل انٽرنيشنل نرسنگ ريسرچ ڪانفرنس ۾ پيپلز نرسنگ اسڪول ڄامشورو، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي، لمس اسپتال ڄامشورو نرسنگ ڪاليج سوڌو لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن، شاگردن ۽ شاگردياڻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. افتتاحي تقريب جو مهمان خاص لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جو وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ هو. صدارتي خطاب ڪندي پروفيسر ڊاڪٽر اڪرام الدين اڄڻ چيو ته نه رڳو ملڪ پر پوري دنيا ۾ نرسنگ جي شديد کوٽ آهي، ان کوٽ کي پورو ڪرڻ لاءِ سنڌ حڪومت ۽ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي ڪم ڪري رهيون آهن،
هن عالمي سطح جي ڪانفرنس ڪرائڻ جو مقصد نرسنگ جي معيار کي بهتر ڪرڻ آهي ۽ نرسنگ جي شعبي ۾ تحقيق ڪرڻ لاءِ نوجوانن کي همت ڏيارڻ آهي. جنهن جو سھرو پڻ لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي پنهنجي سر تي کنيو آهي، هن ڪانفرنس ۾ عالمي سطح جا ڏيهي ۽ پرڏيهي ماهر پنهنجا تحقيقي مقالا پيش ڪري رهيا آهن. جنهن جا نتيجا نرسنگ، صحت جي شعبي ۾ بهتري لاءِ ۽ نرسن جي تربيت ۾ بهتر ثابت ٿيندا. جنهن ۾ پيپلز نرسنگ اسڪول جي انتظاميا هن عالمي ڪانفرنس کي سٺي نموني سان هلائي رهي آهي جنهن تي ٽيم کيرون لهڻي، ان کان اڳ سيمينار کي تازين سعيد، عاليا ناصر، امان الله رند، پروين اختر، ڊاڪٽر گلزار احمد، خوشبو چانڊيو، طارق علي ۽ ٻين خطاب ڪيو.