
ڪوٽڙي: ڪوٽڙي شهري ايڪشن ڪميٽي پاران شھر جا بنيادي مسئلا حل نه ٿيڻ، ٻوڏ متاثرن جي واھر نه ٿيڻ ۽ منشيات جي وڪري خلاف ٽن ڏينھن واري احتجاجي ڪئمپ شروع ڪئي وئي، ڪوٽڙي شهر جي مک المدينا چوڪ تي قائم 3 ڏينهن واري احتجاجي ڪئمپ قائم تي زبردست نعريبازي ڪئي وئي، ان موقعي تي اڳواڻن شبير ساند، مقصود جھتيال، قاري وزير ۽ ٻين چيو ته ته ميونسپل ڪميٽي ڪوٽڙي ۽ ٻولهاڙي جي ماھوار 4 ڪروڙ روپيا بجيٽ ھجڻ باوجود تاريخي شھر ڪوٽڙي گندگي جو ڍير بڻجي ويو آھي، ماڻھو ڊينگي، مليريا ۾ وٺجي ويا آھن، ھتان جا چونڊيل نمائندا غائب آھن.
ھنن چيو ته منشيات جي کلي عام وڪري سبب نوجوان نسل تباھه ٿي رھيو آھي، ٻوڏ متاثرن جي ڪابه واھر نه ٿيڻ سبب اهي دربدر آھن، ڪوٽڙي جو تاريخي شھر موھن جو دڙو بڻجي ويو آھي. ھنن مطالبو ڪيو ته شھر مان صفائي ڪرائي منشيات جي وڪري کي بند ڪري بدامني تي ضابطو آڻي ٻوڏ متاثرن جي واھر ڪئي وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو سلسلو جاري رھندو.