پاڪستانسنڌ

رينجرز ۽ پوليس جي ڪارروائي، سنڌ ۾ غيرقانوني ايندڙ 122 افغاني گرفتار

ڪراچي: سنڌ ۾ غيرقانوني طور تي داخل ٿيندڙ 122 افغان شهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي، پوليس اختيارين موجب گرفتار افغاني غيرقانوني طور سنڌ اچي رهيا هئا. رينجرز ۽ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪري غيرقانوني طور بلوچستان کان سنڌ ۾ داخل ٿيندڙ 122 افغان شهرين کي گرفتار ڪيو ويو آهي. گرفتار افغانين ۾ 89 مرد، 13 عورتون ۽ 20 ٻار شامل آهن، افغان شهرين کي قانوني ڪارروائي ۽ سندن ڏيهه واپس روانو ڪرڻ لاءِ بلوچستان حڪومت جي حوالي ڪيو ويو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button