
ڪراچي: سنڌ هاءِ ڪورٽ صوبي ۾ تعليمي اصلاحات، مفت تعليم، سيڪيورٽي ۽ وڌيڪ معاملن جي درخواستن تي مفت تعليم يقيني بنائڻ لاءِ سنڌ حڪومت کان ايڪشن پلان گهري ورتو. عدالت پڇا ڪئي ته ٻڌايو وڃي ته صوبي ۾ 5 کان 16 سالن تائين ٻارن کي مفت تعليم ڏيڻ لاءِ ڪهڙا قدم کنيا پيا وڃن؟ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ صوبي ۾ تعليمي اصلاح تي مفت تعليم سيڪيورٽي ۽ وڌيڪ معاملن تي درخواستن جي شنوائي ٿي. سنڌ جي چيف سيڪريٽري سميت ٻيا آفيسر عدالت ۾ پيش ٿيا. درخواست ڪندڙ جي وڪيل موقف ڏنو ته مفت تعليم سهولتن جي لاءِ جوڙيل 2013 جي ايڪٽ تي اڃا تائين عملدآمد نه ٿيو آهي، ٻارن کي مفت ۽ معياري تعليم فراهم ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي. عدالت مفت تعليم يقيني بنائڻ لاءِ سنڌ حڪومت کان ايڪشن پلان گهري ورتو. عدالت چيف سيڪريٽري سنڌ کان ٻن هفتن ۾ تفصيلي رپورٽ طلب ڪري ورتي.
هوڏانهن تعليم واري سيڪريٽري عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪئي ته صوبي جا 4 هزار 533 استاد غيرحاضر آهن. هن انڪشاف ڪيو ته صوبي جا هزارين اسڪول بند پيل آهن. تعليم واري سيڪريٽري اڪبر لغاري جو چوڻ هو ته صوبي ۾ هزارين اسڪول 10 سالن کان بند پيل آهن، سنڌ ۾ 40 هزار 529 اسڪول آهن، جڏهن ته 6 هزار 407 اسڪول بنا ڇت جي آهن. جمع ڪرايل رپورٽ موجب هلندڙ سال 622 اسڪول اڏاوت هيٺ آهن، جيڪي اسڪول رهجي ويندا، اهي ايندڙ پنجن سالن ۾ تعمير ڪيا ويندا. شنوائي کانپوءِ سنڌ جي چيف سيڪريٽري ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته رپورٽ جمع ڪرائي آهي، عدالت مون کي ذاتي حيثيت ۾ گهرايو آهي.