پاڪستانسنڌ

فريدآباد-ميهڙ روڊ جو ڪٽ بند ڪرائڻ لا شهرين جو احتجاجي مظاهرو

فريدآباد: فريدآباد-ميهڙ روڊ جو ڪٽ بند ڪرائڻ لا ڪالهه ٻئي ڏينهن به شھرين علي گوھر چنا، شبير ڪرٽيو، شير محمد ڏيرو، ضمير ڏيرو، زبير ٻگھيو، علي مردان خاصخيلي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سٽي گيٽ تي احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي. ان موقعي تي مظاھرين چيو ته فريدآباد روڊ جي خوني ڪٽ کي ٽي مھينا ٿي ويا آهن پر بند ٿي ناھي سگھيو. فريدآباد ڪاڇي ۾ ھزارين ٻوڏ متاثر سخت پريشان آهن ڪوبه لڙي ناھي آيو. ٻوڏ متاثر ميھڙ وڃڻ لا ڳرا ڀاڙا ڀري پريشان آهن. ٻيڙين وارا به رعايت نٿا ڪن. فريدآباد پوليس ٻيڙين وارن سان ٻٽ بڻيل آهن. ھنن مطالبو ڪيو ته فريدآباد روڊ جو ڪٽ بند ڪيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جاري رھندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button