پاڪستانسنڌ

چين ايندڙ سال ٿر ۾ 1360 ميگاواٽ جو نئون ڪول پاور پراجيڪٽ شروع ڪندو: وڏو وزير

ڪراچي: سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين دوستي جو بنياد شهيد ذوالفقار علي ڀٽي رکيو هو، جيڪو سي پيڪ منصوبي سان وڌيڪ مضبوط ٿي رهيو آهي. هن اها ڳالهه ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ چيني صدر/ڊپٽي منسٽر ڪيبينيٽ رينڪ پيپلز ايسوسيئيشن فار فارن ڪنٽريز فرينڊ شپ لن سونگٽيان سان ملاقات ۾ چئي. جنهن ۾ قونصل جنرل لي بيجيان ۽ ٻين پڻ شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ پاڪ-چين لاڳاپن ۽ سي پيڪ بابت منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي وڏي وزير چيو ته چين سان مضبوط دوستي جو بنياد شهيد ذوالفقار علي ڀٽي رکيو هو. جيڪو وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ۽ وسيع ٿيو ۽ هاڻي سي پيڪ منصوبي سان وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيو آهي. هن وڌيڪ ٻڌايو ته چين جي سهڪار سان ٿر ۾ 1360 ميگاواٽ جو نئون ڪول پاور پراجيڪٽ ايندڙ سال کان ڪم شروع ڪندو. وڏي وزير دوري تي آيل وفد جا ٿورا مڃيا ۽ مهمانن کي سوکڙيون ڏنيون.

هوڏانهن سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان اسپين جي سفير جوز اي ڊي اوري پڻ ڪالهه وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. جنهن ۾ اسپين جو قونصل جنرل غوث اڪبر پڻ موجود هو. جڏهن ته وڏي وزير سان گڏ سندس خاص مددگار سيد قاسم نويد ۽ پرنسپل سيڪريٽري فياض جتوئي شرڪت ڪئي. ملاقات ۾ ٻطرفن لاڳاپن، سيڙپڪاري ۽ ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. سنڌ جي وڏي وزير اسپيني ڪمپنين کي سنڌ حڪومت سان پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ تحت ڪم ڪرڻ جي آڇ ڪئي. جنهن تي اسپين جي سفير سالڊ ويسٽ شعبي ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏ تعليمي شعبي ۾ آئي بي اي ڪراچي سان اسٽوڊنٽ ايڪسچينج پروگرام شروع ڪرڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي. ملاقات ۾ تعليم ۽ زراعت جي شعبن ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو. وڏي وزير سفير کي سنڌي ثقافت جون سوکڙيون ڏنيون. ٻئي طرف وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان ايئر وائيس مارشل خالد محمود ايئر سدرن ڪمانڊ آفيسر به وزيراعليٰ هائوس ۾ ملاقات ڪئي. جنهن ۾ پيشيوراڻي سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button