پاڪستانسنڌ

اسلام ڪوٽ لڳ پورهيت ۽ سندس ڌي تي تشدد، زيور ۽ 12 ٻڪريون ڦر

اسلام ڪوٽ: اسلام ڪوٽ لڳ هٿياربند پورهيت ۽ سندس ڌي تي تشدد ڪري ڦرلٽ ڪري فرار ٿي ويا. متاثر پورهيت نياڻي سميت انصاف لا دانهون ڪيون. ان سلسلي ۾ اسلام ڪوٽ ڀرسان ڳوٺ مريد جو تڙ ۾ بااثر ٻني تي ويٺل غريب پورهيتن تي حملو ڪري مارڪٽ بعد ڦر ڪري ويا. ان سلسلي ۾ پورهيت محمد حسن وسائيپوٽو پنهنجي نياڻي صدوري سميت پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪندي انصاف لا دانهون ڪيون. هن چيو ته اسان پنهنجي ٻني ۾ فصل ڪڍي رهيا هئاسين ته برادري جي بااثرن مسود، نظر، شيرو، اڪرم، مشتاق، مرتضى، عبدالرحمان وسائيپوٽو ۽ ٻين اسان تي حملو ڪري مارڪٽ جو نشانو بڻايو، جنهن بعد هٿياربندن 12 ٻڪريون ڪاهڻ سان گڏ نياڻي جا زيور ڦر ڪري اسان کي ٻني مان لوڌي ڪڍي ڇڏيو، اسان دانهن کڻي پوليس وٽ وياسين، پر پوليس هڪ به نه ٻڌي، اسان کي ٻني تي به اچڻ نٿو ڏنو وڃي، ٻني ۾ سمورو فصل مال کائي رهيو آهي، خدشو آهي ته فصل ڄاڻايل بااثر کڻي نه وڃن. هن چيو ته اسان غريب آهيون، ڪير به ٻڌڻ وارو ناهي، جوابدار اسان کي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن. اسان ايس ايس پي ٿرپارڪر کان مطالبو ڪريون ٿا ته ترت نوٽيس وٺي بااثرن خلاف ڪاروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button