پاڪستانسنڌ

مقابلي ۾ نوجوان مارڻ واري ڪيس ۾ ڀريا جو اڳوڻو ايس ايڇ او بري

نوشهروفيروز: ٿرڊ ايڊيشنل سيشن ڪورٽ نوشهروفيروز شاھديون نه ملڻ تي ڀريا ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او عبدالله اعواڻ ۽ موسى سولنگي کي نوجوان کي مبينا مقابلي ۾ مارڻ واري ڪيس مان بري ڪرڻ جو فيصلو ٻڌايو. فيصلي بعد عدالت اندر مقتول نوجوان جي ما دانھون ڪندي جوابدارن کي پٽون ۽ پاراتا ڏيندي رھي. ياد رھي ته ڄاڻايل اھلڪارن 2017ع ۾ ڳوٺ طالب الدين سولنگي جي رهواسي نوجوان شفيق سولنگي کي گھران کنڀي کڻڻ بعد مبينا پوليس مقابلي ۾ ماريو هو، مقتول نوجوان جي والدين انصاف نه ملڻ تي پريس ڪلب نوشهروفيروز آڏو احتجاج ڪيو. ان موقعي تي مقتول نوجوان جي ما وزيران ۽ والد خان محمد سولنگي ٻڌايو ته جوابدارن کي بري ڪري ظلم ڪيو ويو آھي. نوجوان پٽ کي گھران کنڀيو ويو ۽ پٽ جي آزادي لاءِ پئسا گھريا ويا ۽ پئسا نه ڏيڻ تي پٽ کي قتل ڪيو ويو. ھن چيو ته فيصلي کي سنڌ ھاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويندو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button