سکر: رائونتي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن هٿان شهيد ٿيل ڊي ايس پي عبدالمالڪ ڀٽو کانپوءِ شهيد ايس ايڇ او عبدالمالڪ ڪمانگر جي پيءُ عبدالغفور ۽ چاچي مشتاق سکر ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته پوليس جي 5 آفيسرن ۽ جوانن کي ڪچي ۾ ننڌڻڪو ڪري مارايو ويو، پوليس آفيسر ۽ جوان ڌاڙيلن جي گهيري ۾ هئا، پر بند تي گشت ڪندڙ پوليس آفيسرن گهيري هيٺ آيل آفيسرن ۽ جوانن جي ڪابه مدد نه ڪئي. جڏهن ته شهيد ايس ايڇ او جي وارثن آءِ جي سنڌ کي واقعي جي شفاف جاچ ڪرائڻ جي اپيل ڪئي آهي. واضح رهي ته رائونتي جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن هٿان هڪ ڊي ايس پي ۽ ٻن ايس ايڇ اوز سميت 5 اهلڪار شهيد ٿيا هئا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close