پاڪستانپنجاب

هڪ روپوش شخص ملڪ جا فيصلا پيو ڪري، وڏو الميو آهي:عمران خان

تحريڪ انصاف جو حقيقي آزادي مارچ پنجاب جي شهر گجرات کان اڳتي نڪري جي ٽي ايس چوڪ تي پهچي ويو، پارٽي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته هڪ سزا ماڻيندڙ روپوش شخص طرفان ملڪ جا فيصلا ڪرڻ وڏو الميو آهي، نواز شريف اهڙو آرمي چيف چاهيندو جيڪو سندس مدد ڪري ۽ جنهن سان سندس چوري به بچي سگهي. لاهور مان وڊيو لنڪ ذريعي لانگ مارچ کي خطاب ڪندي اڳوڻي وزيراعظم چيو ته وزيراعظم روپوش ڀاءُ سان صلاح مشورا ڪري ملڪ بابت فيصلا ڪري رهيو آهي، وزيراعظم اُن شخص سان ملاقاتون پيو ڪري، جيڪو ڪوڙ ڳالهائي ملڪ کان ٻاهر فرار ٿي ويو، شهباز شريف روپوش نواز شريف سان آرمي چيف جي مقرري جو فيصلو ڪرڻ وڃي رهيو آهي، اهو تماشو ادارا مضبوط ڪرڻ لا نه پيو ٿئي، جيڪو به ميرٽ تي هجي ان کي آرمي چيف بڻجڻ گهرجي، نواز شريف اهڙو آرمي چيف چاهيندو جيڪو سندس مدد ڪندو نه ته نواز شريف جي چوري ڪيئن بچي سگهندي؟ نواز شريف جو اهو ئي طريقو رهيو آهي ته هو هميشه اهڙي ماڻهو کي مٿي آڻيندو آهي جنهن سان کيس ذاتي فائدو پهچي، 30 سالن کان چوري ڪندڙ نواز شريف هاڻي آرمي چيف جي چونڊ جو فيصلو ڪرڻ وڃي رهيو آهي، ڇا ملڪ جي قسمت جو فيصلو اهو ڏوهاري ڪندو جيڪو گذريل ٽيهن ورهين کان ملڪ جو پئسو ٻاهر کڻي وڃي رهيو آهي، مون ڪڏهن ناهي ٻڌو ته برطانيا ۾ ڪنهن ڏوهاري کي اين آر او مليو هجي. عمران خان وڌيڪ چيو ته حڪمرانن ججن کي رشوت ڏني اهي عدليا کي هلڻ نٿا ڏين، پوليس جو به ٻيڙو ٻوڙيو ويو، انصاف جو مطلب سڀ قانون جي ماتحت هجن پر پاڪستان ۾ ائين ناهي، هتي غريب لاءِ الڳ ۽ امير لاءِ الڳ قانون آهي، اسان جي ملڪ ۾ قانون جي نه پر طاقتور ماڻهن جي حڪمراني آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button