
موسمياتي تبديلي واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چيو آهي ته پاڪستان هڪ تڪليف واري ۽ تباهه ڪن ٻوڏ مان گذري آهي جنهن سان 33 ملين کان به وڌيڪ ماڻهو متاثر ٿيا آهن معاشي ذريعن موجب زراعت ۽ خوراڪ سخت متاثر ٿي آهي ۽ صدي جي رڪارڊ ٻوڏ سموري ملڪ جي ٽوپوگرافي کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪوپ-27 ۾ انٽرنيشنل واٽر مئنجمينٽ انسٽيٽيوٽ اينڊ ايف اي او جي اهتمام هيٺ واٽر پويلين ۾ اعليٰ سطحي سيگمينٽ ٿنيٽڪ ڊي ٽري ڊيزاسٽر رسڪ ريڊيڪيشن ۽ بهتر معاشي لاءِ پائدار شهر کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پاڪستان جي تقريبن هڪ سيڪڙو حصو ٻوڏ واري پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي ۽ آفت کان پوءِ جي ضرورتن شين جي اندازي موجب گڏيل طور تي 30 بلين ڊالر جو نقصان ٿيو آهي، معاشي ذريعن زراعت ۽ خوراڪ کان سخت متاثر ٿيا آهن. هن ان سال پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان ۽ ٻوڏ جي خطري جي انتظام ۽ دريائي سنڌ جي نظام جي لچڪ ۾ ليونگ انڊس انيشيايوٽ جي اهميت تي زور ڀريو، پاڪستان جي بحالي ۽ موافقت جي ضرورتن تي ڳالهائيندي وفاقي وزير ليونگ انڊس انيشئيٽو جو هڪ جائزو پيش ڪيو ۽ ٻڌايو ته اهو ڪهڙي طرح سنڌ تاس جي ماحولياتي نظام کي بحال ڪرڻ ۾ مدد ڪندو هن چيو ته پاڪستان جي حدن ۾ خاص طور تي ٻوڏ جهڙي قدرتي آفتن دوران سنڌو درياهه جي نظام جي ماحولياتي صحت کي بحال ڪرڻ اسان جي آبهوا جي پائيداري کي يقيني بنائڻ لاءِ هڪ اهم قدم آهي. هن چيو ته هي هڪ زبردست منصوبو آهي ان حوالي سان سيڙپڪار وڌيڪ سيرپڪاري کي ترجيح ڏيندا، سنڌو درياهه اسان جي تهذيب جو محور آهي اسان کي کيس ٻيهر زنده ڪرڻ جي ضرورت آهي. سنڌو درياهه جو نظام هر صوبي کان گذرندو آهي. هن دريا نيل ۽ سنڌ جي لاءِ آبهوا جي لچڪ جي باري ۾ علم ۽ تجربن جي باري ۾ ڳالهه ٻولهه ڪئي، اي ڊي بي جي وفد سان ملاقات ۾ موسمياتي لچڪ کي بهتر بنائڻ ۽ 2022 جي تباهه ڪندڙ ٻوڏ کان پوءِ ٻيهر بهتر بنائڻ لاءِ پاڪستان سان تعاون جا رستا تلاش ڪرڻ تي توجهه ڏياريو.