واپار واري وفاقي وزير سيد نويد قمر چيو آهي ته موسمياتي تبديليءَ جي ماهرن کي پاڻي ذخيرن کي ڪٽا جي عمل کان بچائڻ ۽ موجوده زرعي طريقن کي تبديل ڪرڻ تي توجهه ڏيڻ گهرجي. گذريل ڏينهن شرم الشيخ ۾ موسمياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان سان پينل مباحثي کي خطاب ڪندي هن جديد ۽ پائيدار زرعي طريقن کي ترجيح ڏيڻ لاءِ آبادگارن کي ٻيهر تعليم ڏيڻ ۽ فنانسنگ ۾ سيڙپڪاريءَ جي اهميت تي روشني وڌي. هن 2010ع جي ٻوڏ ۽ ان کانپوءِ جي امدادي سرگرمين ۽ ان بابت سکيل سبقن بابت ذاتي تجربن کان آگاهه ڪيو. وفاقي وزير چيو ته بدقسمتيءَ سان 10 سالن جي خشڪ سالي ٻوڏ سٽيل علائقن ۾ آبادڪاري جي اجازت ڏني، جنهن 2022ع جي ٻوڏ کي وڌيڪ تباهه ڪُن بڻيو. هن پينل مباحثي کي علائقي ۾ رليف مهم جي حوالي سان پنهنجن تجربن ۽ ان تباهه ڪُن جي اثرن جي باري ۾ ٻُڌايو جيڪي هن پاڻ ڏٺا.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close