پاڪستان

عمران خان کي چيئرمين شپ تان هٽائڻ جي درخواست تي فل بينچ جوڙڻ جي سفارش

لاهور هائيڪورٽ جي جسٽس ساجد محمود سيٺي عمران خان کي چيئرمين تحريڪ انصاف جي عهدي تان هٽائڻ لاءِ درج ڪيل درخواست تي فل بينچ جوڙڻ جي سفارش سان گڏ فائيل چيف جسٽس کي موڪلي ڇڏي. ان کان اڳ وفاقي حڪومت ۽ اليڪشن ڪميشن سميت ٻين ڌرين عدالت کان جواب جمع ڪرائڻ جي مهلت گهري هئي. عدالت جي روبرو درخواست گذار محمد آفاق ايڊوڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته توشا خانا ڪيس ۾ اليڪشن ڪميشن عمران خان کي نااهل قرار ڏنو آهي آئين تحت نا اهل شخص ڪنهن به سرڪاري حڪومتي عهدي يا سياسي جماعت جي اڳواڻي نٿو ڪري سگهي، نااهلي بعد عمران خان کي تحريڪ انصاف جي چيئرمين جي عهدي تان هٽايو وڃي، وڌيڪ گذارش آهي ته عدالت نئون چيئرمين مقرر ڪرڻ جو به حڪم ڏئي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button