سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ڪراچي ۾ پيپلز پارٽي جي ڪو چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان اهم ملاقات ڪئي آهي، جنهن ۾ ڪراچي شهر جي ترقياتي منصوبن سميت مختلف معاملن تي غور ويچار ڪيو ويو. ايڪسپريس نيوز مطابق گورنر ڪامران ٽيسوري اڳوڻي صدر آصف علي زرداري سان بلاول هائوس ۾ ملاقات ڪئي، ان دوران گورنر پ پ جي شريڪ چيئرمين کان طبيعت پڻ پڇي. آصف زرداري ۽ گورنر ڪامران ٽيسوري جي ملاقات دوران ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، سنڌ جي مسئلن، ٻوڏ متاثرن جي بحالي لا قدم کڻڻ ۽ ڪراچي جي ترقياتي منصوبن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي آصف علي زرداري گورنر ڪامران ٽيسوري لا نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close