شڪارپور ۾ جيئي سنڌ محاذ شڪارپور پاران ضلعي انتظاميا ۽ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف جهاز چوڪ کان پريس ڪلب شڪارپور تائين احتجاجي ريلي ڪڍي مظاهرو ڪيو. شڪارپور ۾ جيئي سنڌ محاذ پاران ضلعي انتظاميا ۽ سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. جهاز چوڪ کان پريس ڪلب تائين ريلي ڪڍي وئي. ان موقعي تي اڳواڻن ڪامريڊ اسدلله سومرو، احسان جيهو، ايڊووڪيٽ علي اصغر پهوڙ، عمران جکرو ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته شڪارپور ضلعي انتظاميا خاص طور تي ڊي سي شڪارپور ابرار جعفر پاران برسات متاثرن جي سهائتا نه پئي ڪئي وڃي. جڏهن ته مخصوص بنگلن معرفت من پسند ماڻهن کي راشن ۽ ٻيو سامان ڏنو پيو وڃي. هنن چيو ته برسات کي ٽي مهينا گذرڻ باوجود ضلعي سميت شهر جي مختلف علائقن ۾ اڃان تائين برساتي پاڻي موجود آهي، جنهن سبب مخلتف بيمارين منهن ڪڍيو آهي. ڌارين جي آبادڪاري بابت اڳواڻن چيو ته سنڌ ۾ غير قانوني طور آباد ماڻهن کي سنڌ مان فوري طور تي نيڪالي ڏيئي ڪڍيو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close