سنڌ

ڳڙهي ياسين ويجهو زمين جي تڪرار تان فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل

ڳڙهي ياسين ۾ انڙ ۽ بروهي ڌرين ۾ زمين جي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو. فائرنگ ۾ 2 ڄڻا قتل ۽ 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا. ڳڙهي ياسين ٿاڻي جي حد ڳوٺ جادو ڪلهوڙو ۾ انڙ ۽ بروهي برادري جي ٻن ڌرين رحيم بخش بروهي ۽ سعد الله انڙ ۾ هلندڙ زمين جي تڪرار تان ڳڙهي ياسين کان ڳوٺ جادو ڪلهوو ويندڙ انڙ برادري جي ماڻهن مٿان بروهي ڌر جي هٿياربندن فائرنگ ڪري ڏني، گوليون لڳڻ سبب زاهد انڙ ۽ سعيد انڙ ٿڏي تي مارجي ويا. جڏهن ته عمران انڙ ۽ راجا انڙ سخت زخمي ٿي پيا. اطلاع تي انڙ برادري جا هٿياربند واقعي واري هنڌ پهچي ويا. انڙ ۽ بروهي برادري جي هٿياربندن ۾ هڪ ڪلاڪ تائين هلندڙ فائرنگ سبب علائقي ۾ خوف ۽ حراس ڇائنجي ويو. اطلاع تي ايس ايڇ او ڳڙھي ياسين واقعي هنڌ پهچي ٻنهي ڌرين ۾ هلندڙ فائرنگ بند ڪرائي مارجي ويل ۽ زخمين کي کڻائي ڳڙهي ياسين اسپتال آندو، جتان پوسٽ مارٽم ٿيڻ بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا. ان موقعي تي زخمي عمران انڙ ۽ راجا انڙ ٻڌايو ته اسان پنهنجي بيمار عورتن کي چنگچي رڪشا تي ڳڙهي ياسين مان علاج ڪرائڻ بعد واپس ڳوٺ وڃي رهيا هئاسين ته ڳوٺ حميد جاگير وٽ بروهي برادري جي هٿياربندن اسان کي روڪي اسان جي آڏو 2 ڄڻن زاهد انڙ ۽ سعيد انڙ کي گوليون هڻي قتل ڪري اسان مٿان سخت تشدد ڪري اسان کي ڳوٺ مان لڏڻ جون ڌمڪيون ڏئي فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا. هنن چيو ته اطلاع باوجود پوليس دير سان پهتي، اسان جي مارجي ويلن جا لاش ڪيتري دير تائين روڊ تي پيل رهيا. هنن چيو ته بروهي برادري سان ڳوٺ ٻاهران زرعي زمين تي تڪرار هلندڙ آهي بروهي ڌر اسان جي 6 ڄڻن کي بيگناهه قتل ڪيو آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button