پاڪستانسنڌ

عمرڪوٽ ۾ ڪسٽم ڪلارڪ خلاف ڊرائيورن جو مظاهرو

عمرڪوٽ: عمرڪوٽ ۾ ڊرائيور ايسوسيئيشن جي سڏ تي ڊرائيورن پريس ڪلب ٻاهران احتجاجي مظاھرو ڪيو. ڊرائيورن ڪسٽم ڪلارڪ جئه پرڪاش ڪلال خلاف نعريبازي ڪئي. ان موقعي تي ڊرائيورن مدن مالھي، گومو بجير، ھيرو بجير، ھيمجي ڪولهي، لالو مالھي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ڪسٽم حيدرآباد هيڊ آفيس جو ڪلارڪ جئه پرڪاش ڪلال ڊرائيور مڌن مالهي جو پگهار نٿو ڏي، پگهار گهرڻ تي موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، مڌن پگهار نه ڏيڻ تي ڪلارڪ جئه پرڪاش خلاف ڪسٽم حيدرآباد جي آفيس ۾ درخواست داخل ڪرائڻ ويو ته کيس ڪلارڪ ٻڌي ويھاري ڇڏيو. ان موقعي تي ڊرائيور مڌن گهر ڪئي ته ڪلارڪ خلاف ڪارروائي ڪري پگهار ڏياري انصاف ڪيو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button