اسلام آبادپاڪستان

عمران تي حملو ۽ ارشد شريف قتل معاملو،جڊيشل ڪميشن لاءِ ججن سان مشاورت

اسلام آباد : عمران خان تي حملي ۽ ارشد شريف جي قتل تي جڊيشل ڪميشن جوڙڻ واري معاملي ۾ چيف جسٽس جي ڪميشن قائم ڪرڻ لاءِ ساٿي ججن سان مشاورت حتمي مرحلي ۾ پهچي چڪي آهي. ذريعن موجب اسلام آباد ۾ موجود ججن سان صلاح مشورو وارو عمل مڪمل ڪيو ويو آهي. جڏهن ته جسٽس فائز عيسيٰ ۽ جسٽس عائشا ملڪ سان سومر تي مشاورت ٿيندي ڇو جو جسٽس فائز عيسيٰ اسلام آباد مان ۽ جسٽس عائشا ملڪ ملڪ کان ٻاهر آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته ٻئي جج آچر تي واپس اچي سومر کان ڪيسن جون شنوائيون ڪندا، نون مقرر ٿيندڙ ججن سان به سومر واري ڏينهن مشاورت جو امڪان آهي. ذريعن موجب مشاورت وارو عمل مڪمل ٿيندي ئي چيف جسٽس وزيراعظم جي خطن جو جواب ڏيندو. وزيراعظم کي خطن جو جواب ٻن کان ٽن ڏينهن ۾ ڏنو ويندو، جڏهن ته فلحال جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو امڪان نه آهي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button