
پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پنجاب ۾ پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ايم پي اي چوڌري اشفاق جي گرفتاري جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پنجاب ۾ تحريڪ انصاف جي حڪومت خلاف پرامن احتجاج ڪندڙن کي گرفتار ڪرڻ افسوس جوڳو عمل آهي. پنهنجي بيان ۾ پ پ چيئرمين چيو ته سڄي پنجاب کي بند ڪندڙ تحريڪ انصاف جي صوبائي حڪومت ليا شهر ۾ صرف هڪ روڊ تي احتجاج ڪرڻ جي ڏوهه ۾ جيالي کي گرفتار ڪيو آهي، پنجاب جو وڏو وزير چوڌري پرويز الاهي فوري طور تي چوڌري اشفاق جي آزادي کي يقيني بڻائي.