ڪراچي: ڪراچي جي علائقي اتحاد ٽائون ڪشميري پاڙي جي رهواسي راج مستري کي سندس نشي جي عادي پٽ ماني پچائڻ وارو تئو گرم ڪري مٿي ۾ هڻي قتل ڪري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويو. بلديه ٽائون ڪشميري پاڙي جي روٽ نمبر 20 بس جي اسٽاپ ويجهو هڪ شخص کي تشدد کانپو قتل ڪيو ويو. مقتول جي سڃاڻپ 55 ورهين جي محمد عمر ولد محمد پريو جي نالي سان ٿي. مقتول جي پٽ علي رضا ٻڌايو ته هو کارادر ڪپڙي مارڪيٽ ۾ دڪان تي ڪم ڪري ٿو، سندس والد راج مستري جو ڪم ڪندو هو، اسان ٻه ڀائر ۽ 3 ڀينرون آهيون، واقعي وقت هو گهر ۾ موجود نه هو، والده فون تي ٻڌايو ته ڀاءُ احمد رضا والد کي ماني پچائڻ وارو تئو چلهه تي گرم ڪرڻ کانپوءِ مٿي ۾ هنيو، ان جي جسم جي مختلف حصن تي به اهو گرم تئو هنيو آهي. آئون فورن گهر پهتس ته والد رت ۾ ٻڏل هو. والس کي بلديه ٽائون نمبر 9 جي هڪ خانگي اسپتال کڻي ويس، جتان ڊاڪٽرن پوءِ سول اسپتال ريفر ڪيو، جتي والد دم ڌڻي حوالي ڪيو. هن ٻڌايو ته جوابدار ڀاءُ محمد عمر عرف جوجي والده کي به ڪاتي سان مارڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هن ڀڄي گهر مان ٻاهر جان بچائي، جوابدار هيروئن سميت هر قسم جو نشو ڪري ٿو، منجهند جي وقت والده کان 250 رپيا وٺي ويو هو، ان کي والد ڪڏهن به پئسا ڏيڻ کان منع ناهي ڪيو، سمجهه ۾ نه پيو اچي ته هن والد کي ڇو قتل ڪيو، مقتول جو اباڻو شهر هالا آهي. مقتول جي وڏي پٽ علي رضا پنهنجي چاچي سان مشورو ڪرڻ کانپوءِ والد جو پوسٽ مارٽم ڪرائڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. جوابدار خلاف قانوني ڪارروائي ڪرڻ لاءِ پوليس کي گذارش ڪئي آهي. پوليس مطابق واردات کانپوءِ جوابدار فرار ٿي ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close