لاڙڪاڻي جي حاجي غلام نبي ڪلهوڙو ڪالوني جي رهواسين بلڊر زاهد حسين عباسي جي مبينا زيادتين خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي شمس الدين سنديلو، اختر حسين پنهور، ڊاڪٽر حاڪم علي چانڊيو، سيد غلام مرتضيٰ شاهھ، خالد جوڻيجو، ڊاڪٽر عاشق علي ڀٽي، گلشن تنيو، محمد هاشم پنهور، بشارت ڀٽو ۽ ٻين چيو ته سال 2008ع دوران بلڊر زاهد حسين عباسي حاجي غلام نبي ڪلهوڙو ڪالوني قائم ڪئي، اسان جي گهرن جو نيڪال گذريل 15 سالن کان ڊرينيج ذريعي سم نالي ۾ هلندڙ هو، جنهن کي ٻه مهينا اڳ بلڊر زاهد عباسي بند ڪري مٽي وجهي اتي پلاٽ وڪرو ڪري ڇڏيا آهن، گندي پاڻي جو نيڪال بند ٿيڻ سبب گهرن ۽ گهٽين ۾ پاڻي تلاءُ جي صورت اختيار ڪري ويو آهي. اهڙي شڪايت بلڊر زاهد عباسي کي بار بار ڪئي پر هو خاموش رهڻ لاءِ موتمار ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته ڪجھه مهينا اڳ اسان محلي واسين مجبور ٿي ايم پي اي معظم علي عباسي سان زاهد عباسي جي ٿيل ناجائزي بابت شڪايت ڪئي پر تنهن باوجود ڪو تدارڪ ناهي ٿيو، جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هنن سنڌ حڪومت، لاڙڪاڻو انتظاميا کي اپيل ڪئي ته نوٽيس وٺي بلڊر زاهد عباسي خلاف ڪارروائي ڪري گندي پاڻي کي نيڪال ڪرائي ڇانيل پريشاني ختم ڪئي وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close