سنڌ

ڊکڻ ويجهو مانڊڙي هلائيندڙ پورهيت کي پوليس کنڀي وئي،احتجاج

ڊکڻ ٿاڻي ويجهو شڪارپور رتوديرو نيشنل ها وي روڊ تي مانڊڻي تي قمبر پوليس چڙهائي ڪري مانڊڙ: هلائيندڙ رٽائرڊ فوجي غلام شبير ٿهيم کي گرفتار ڪري کنڀي وئي، جنهن بعد ڳوٺ والڻ ٿهيم جي رهواسين علي ڏنو ٿهيم، سليمان ٿهيم، راهب ٿهيم ۽ ٻين پريس ڪلب ڊکڻ پهچي احتجاج ڪندي چيو ته قمبر پوليس چڙهائي ڪري اسانجي ڀاءُ رٽائرڊ فوجي غلام شبير ٿهيم کي گرفتار ڪري کڻي وئي آهي، ڊکڻ پوليس واقعي کان لاعلمي ظاهر ڪري رهي آهي. هنن چيو ته اسان جو واجد جتوئي سان پلاٽ جو مسئلو هلندڙ آهي، ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين امتياز کهاوڙ، ذوالفقار ڪماريو، انيس سيال ۽ واجد جتوئي وارا روزانو ڌمڪيون ڏين ٿا ته پلاٽ خالي ڪيو ٻي صورت ۾ اوهان کي کڻائينداسين. اسان غريب آهيون وس وارا نوٽيس وٺي انصاف ۽ تحفظ فراهم ڪن.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button