پڊعيدن (ن، سنڌ ايڪسپريس) پڊعيدن قومي ڪارڪن رستم شر جي بازيابي لا پڊعيدن پريس ڪلب اڳيان 7هين ڏينهن به علامتي بک ھڙتال ڪئي. ان موقعي تي جسقم اڳواڻ ڪامريڊ انور علي انصاري، سيفل وسطڙو، جي ڊي اي اڳواڻ غلام مصطفيٰ شر، رحمت الله مري، احسان شر، ماجد شر، شوڪت وسيم سولنگي ۽ ٻين ٻڌايو ته ھڪ مھينو اڳ رستم شر کي کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جنهن خلاف مسلسل احتجاج ڪريون پيا پر رستم شر کي ظاھر نه پيو ڪيو وڃي. ھنن وڌيڪ ٻڌايو ته رستم شر ڪيسن مان بري ٿيل آھي پر جيڪڏهن ان تي ڪوبه ڪيس داخل آهي ته ان کي ڪورٽ ۾ پيش ڪيو وڃي. ھنن مطالبو ڪيو ته فوري طور رستم شر کي آزاد ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close