پاڪستان

قوم کي نئين آرمي چيف جي 25 يا 26 نومبر تائين خبر پئجي ويندي: خواجا آصف

بچا واري وزير خواجا چيو آهي ته آرمي چيف جي مقرري تي نواز شريف سان صلاح مشورو ڪرڻ ۾ ڪو حرج ناهي، قوم کي نئين فوجي سربراهه جي نالي بابت 25 يا 26 نومبر تائين خبر پئجي ويندي. خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي هن چيو ته مان بچا واري وزير طور ٽيون ڀيرو آرمي چيف لڳائڻ جو فرض سرانجام ڏئي رهيو آهيان، پوئين دفعي به وزيراعظم 25- 26 نومبر تائين نالي جو اعلان ڪيو هو، جيڪڏهن نواز شريف سان مشورو ڪيو وڃي ٿو ته ان ۾ ڪو حرج ناهي، وزيراعظم ان معاملي تي صلاح مشورو ڪري سگهي ٿو، کيس صوابديدي اختيار آهي، جڏهن ته مشورو ڪرڻ جو قرآن پاڪ ۾ به ذڪر آهي، نواز شريف سان اڃا تائين ڪو مشورو نه ڪيو ويو آهي، صلاح مشوري بابت صرف هوائي ڳالهيون آهن. هن چيو ته آرمي چيف لا ادارو 5 کان 6 نالا ڏيندو آهي، جن مان وزيراعظم ڪو هڪ نالو چونڊي اعلان ڪندو آهي، ماضي ۾ جونيئر آفيسر آرمي چيف ٿيندا رهيا آهن پر هن ڀيري سڀ کان سينيئر آفيسر کي نئون فوجي سربراهه لڳايو ويندو، خبر ناهي ڇو ان معاملي کي تڪراري بڻايو ويو آهي. ٻئي طرف قومي اسيمبلي ۾ ڳالهائيندي خواجا آصف چيو ته عمران خان کي ڪيترن ئي مهينن تائين ٻاهرين سازش جو الزام لڳائڻ بعد پوئتي هٽڻ جي قيمت ادا ڪرڻي پوندي، آمريڪا عالمي طاقت آهي، جنهن سان گذريل 75 سالن کان اسان جا لاڳاپا رهيا آهن، جن ۾ لاها چاڙها ايندا رهيا آهن پر عمران خان انهن جي دَر تي وڃي الزام هنيو، ايوان کي ان ڳالهه جو نوٽيس وٺڻ گهرجي ته هڪ شخص 8 مهينن کان گهٽين ۽ بازارن ۾ ٻاهرين سازش جا الزام هڻندو رهيوآهي ۽ تازو هن سڀني الزامن کي ويڙهي ڇڏيو آهي ته ان شخص کي ان جي قيمت ادا ڪرڻ گهرجي، گذريل حڪومت جي ڪابينا جو اهو حال هو ته هڪ لفافو لوڏيو ويو ته منظور ڪيو ۽ پڇا ڪرڻ تي چيو ويو بس منظور ڪريو ۽ اهي 19 ڪروڙ ڊالر ان لائبلٽي اڪائونٽ ۾ هليا ويا، جيڪي سنڌ حڪومت کي سپريم ڪورٽ جي حڪم تي زمينن لاءِ ادا ڪيا ويا هئا.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button