اڳوڻي وزيراعظم عمران خان تي ٿيل قاتلاڻي حملي جي عدالتي جاچ ڪرائڻ لا تحريڪ انصاف سپريم ڪورٽ ۾ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آھي، پارٽي اڳواڻن سپريم ڪورٽ اسلام آباد سان گڏوگڏ لاهور، ڪراچي، پشاور ۽ ڪوئيٽا جي رجسٽرين ۾ به درخواستون جمع ڪرايون آهن، جن ۾ ڪل 4 مطالبا ڪيا ويا آهن. جمع ڪرايل درخواستن ۾ تحريڪ انصاف جي سربراهه عمران خان تي قاتلاڻي حملي، شهيد صحافي ارشد شريف جي قتل، سينيٽر اعظم سواتي جي وڊيو ۽ سائفر معاملي جي جاچ ڪرائڻ جي استدعا ڪئي وئي، جڏهن ته 3 نامزد جوابدارن جا نالا شامل نه ڪرڻ جي قدم کي چئلينج پڻ ڪيو ويو آهي. درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته تحريڪ انصاف جي اڳواڻن جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جي درخواست ڪئي آهي، سپريم ڪورٽ ان معاملي تي پاڻمرادو نوٽيس وٺي ڪارروائي ڪري. ٻئي طرف سپريم ڪورٽ ڪراچي رجسٽري ۾ به داخل درخواست تي 26 ايم اين ايز ۽ ايم پي ايز جون صحيحون ٿيل آهن، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته سمورن واقعن تي جڊيشل ڪميشن قائم ڪري اڳوڻي وزيراعظم عمران خان مٿان قاتلاني حملي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي وڃي. تحريڪ انصاف جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي لاهور ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته درخواستون جمع ڪرائڻ جو مقصد سپريم ڪورٽ جو ڌيان ڇڪائڻ آهي، اسان چاهيون ٿا ته چيف جسٽس سمورن مطالبن جي جاچ لاءِ عدالتي ڪميشن جوڙي، جنهن مان پتو پئجي سگهجي ته عمران خان تي ٿيل حملي جون حقيقتون ۽ ڪردار ڪهڙا آهن. هن وڌيڪ چيو ته اسان ايف آ آر داخل ڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي پر اها داخل نه ڪئي وئي، اهو فريادي جو بنيادي حق آهي، جن ٽن ماڻهن جي نشاندهي ڪئي وئي، انهن جي حوالي سان جاچ ٿيڻ گهرجي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close