مسڻ وڏي: مسڻ وڏي ڀرسان يوسي پاڪ سنگھار جي ڳوٺ فتو چوهاڻ جي سرڪاري اسڪول جي عمارت جي 60 سالن کان سنڌ سرڪار مالڪي نه ڪئي، جنهن سبب اسڪولي عمارت زبون ٿي وئي، ڪلاسن جا چاپڙ ڪرڻ معمول بڻيل آهن، ان ڪري معصوم 173 ٻارڙا ڪلاسن بدران وڻن هيٺان سياري ۾ تعليم پرائڻ تي مجبور آهن. 1962ع ۾ قائم ٿيل سرڪاري پرائمري اسڪول ۾ فرنيچر نه هجڻ سبب ٻارڙا پٽ تي ويهڻ تي مجبور آهن. عمارت جي چوديواري ڪرڻ ۽ چوڪيدار نه هجڻ سبب چور 3 ڀيرا پاڻي جي موٽر چورائي چڪا آهن. اسڪول ۾ پيئڻ جي پاڻي سميت ٻين سهولتن جي کوٽ آهي، رهواسين جي شڪايتن ۽ درخواستون باوجود ڊي سي، ڊي اي او ٽنڊوالهيار، تعليم کاتي جي اختيارين ڪو نوٽيس ناهي ورتو. ڳوٺ فتو چوھاڻ جي معزز شخصيت فدا حسين چوھاڻ ٻڌايو ته تعليم لاءِ کوڙ سارا فنڊ تعليم کاتي کي ملن ٿا، ان باوجود تعليم جو معيار بهتر ناهي ٿي سگهيو، سرڪاري اسڪولن جون عمارتون کنڊر بڻيل آهن، جن جي مرمت به نٿي ڪرائي وڃي. هن ۽ ٻين ڳوٺاڻن تعليم کاتي جي صوبائي وزير ۽ سيڪريٽري کان مطالبو ڪيو ته سرڪاري پرائمري اسڪول جي مرمت ڪرائي فرنيچر، پيئڻ جي پاڻي سميت ٻيون سهولتون ڏنيون وڃن.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close