ڪراچي: وڏي وزير مراد علي شاهه ۽ ورلڊ بئنڪ جي هڪ اعليٰ سطحي وفد ريجنل ڊائريڪٽر جان روم جي اڳواڻي هيٺ ٻوڏ جي هنگامي ڪمن لاءِ 163.8 ملين ڊالر جي فنڊن کي ٻيهر استعمال ڪرڻ بابت اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. اجلاس ۾ صوبائي وزيرن، چيف سيڪريٽري، چيئرمين پي اينڊ ڊي ۽ لاڳاپيل سيڪريٽرين شرڪت ڪئي. ورلڊ بئنڪ وفد جي ميمبرن ۾ عبدالرزاق خليل، ڪامران اڪبر، ذيشان ڪريم، مسٽر فرانڪو ساونيموس، مسٽر اوليور ۽ ٻيا شامل هئا. اجلاس ۾ ڪنٽري ڊائريڪٽر ناجي بنهاسين پنهنجي ٽيم جي ميمبرن سان وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي. ورلڊ بئنڪ ٻوڏ سان لاڳاپيل هنگامي ڪمن لاءِ 22 ملين ڊالر ٻيهر استعمال رکيا آهن. وڏي وزير اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن ۽ آن لائين وفد کي ٻڌايو ته 11 لک خيما، 30 لک مڇرداڻيون، پاڻي صاف ڪرڻ جا پمپ ۽ ٻيو سامان آرڊر ڪيو ويو آهي، جنهن کي متاثرن تائين پهچايو پيو وڃي. پي اينڊ ڊي کاتي ورلڊ بئنڪ جي لاڳاپيل ٽيم سان تفصيل شيئر ڪيا آهن. وڏي وزير چيو ته ڪلڪ منصوبي مان 27 ملين ڊالر ٻيهر استعمال ڪيا ويا، جنهن ۾ 500 مان 268 روڊن جي مرمت لاءِ استعمال ڪيا ويندا، جن جي نشاندهي ڪلڪ ذريعي فنانسنگ لاءِ ڪئي وئي آهي. هن وڌيڪ چيو ته عالمي بئنڪ جي ٽيم هنگامي ڪمن لاءِ تيار ڪيل ماحولياتي ۽ سماجي انتظامن جي پلان جو جائزو ورتو آهي. بحالي ۽ مرمت جي ڪمن لاءِ 18 ملين ڊالرن جا معاهدا ڪيا ويا آهن. مراد علي شاهه چيو ته ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي سامان خريد ڪيو ويو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close