لاڙڪاڻي جي لهر ڪالوني ۾ پورهيت نظير جوڻيجو جي گهر جي ڇت ڪري پئي جنهن جي هيٺيان دٻجي سندس گهر واري حميده، ٻارڙا 7 ورهين جو ذوالفقار، 5 ورهين جي ماريا، 2 ورهين جي مديحا، هڪ ورهين جو غلام قادر سخت زخمي ٿي پيا، جن کي علائقي واسين ملبي هيٺيان ڪڍي چانڊڪا اسپتال منتقل ڪيو، جتي ڊاڪٽرن 5 ورهين جي نينگري ماريا جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪئي. ان موقعي تي پورهيت نظير جوڻيجو دانهيو ته برساتن سبب جڳھه جي ڇت ۽ ڀتيون ڪمزور ٿي پيون. ان دوران انتظاميا صرف سروي ڪرائي اسان جي مالي مدد نه ڪئي، جنهن ڪري اڄ گهر ڀاتي ڇت ڪرڻ سبب دٻجي ويا، جن مان منهنجي هڪ ڌيءَ ماريا فوت ۽ گهر واري سميت ٻيا ٻارڙا زخمي ٿيا آهن. هن پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو ۽ وڏي وزير کي اپيل ڪئي ته گهر ٺهرائي ڏئي انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close