تلهار ۾ پ پ ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر جي پٽ عمران ٽالپر ۽ ٻين هٿياربندن جي فائرنگ ۾ قتل ڪيل عورت نازيه ماڇي ڪيس جا مک جوابدار ٻئي ڏينهن به گرفتار نه ٿي سگهيا. ان ڏس ۾ مقتولا جي وارثن پوليس تي الزام مڙهيو آهي ته پوليس بااثر جوابدارن خلاف ڪا به ڪارروائي نٿي ڪري. جوابدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو وڃي. ٻئي طرف پ پ ايم اين اي غلام علي خان ٽالپر، ايم پي اي تاج محمد ملاح، ايم پي اي تنزيلا قمبراڻي، ضلع بدين جي صدر حاجي رمضان چانڊيو، سائين بخش جمالي، زبير احمد سولنگي تڏي تي پھچي وارثن سان تعزيت ڪئي ۽ واقعي جا تفصيل ورتا ۽ مدد جي خاطري ڪرائي. اڳواڻن چيو ته انتهائي افسوسناڪ واقعو ٿيو آهي. پ پ ايم پي اي مير الله بخش ٽالپر جي پٽ مير عمران ٽالپر مٿان ايف آ آر ٿي آهي. پ پ جي سموري قيادت وارثن سان گڏ آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close