سنڌ

لاڙڪاڻي ۾ پاپوليشن کاتي جي ملازمن جو احتجاج

لاڙڪاڻي ۾ پاپوليشن کاتي جي ملازمن مطالبن جي مڃتا لاءِ قلم ڇڏ هڙتال ڪري ضلعي آفيس جي مک گيٽ اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو. ان موقعي تي آپڪا پاپوليشن سنڌ جي صدر پيرل دايو، محمد شريف عمراڻي، فياض سهاڳ، شرافت ابڙو، عمران سومرو، جهانگير تنيو، قطب الدين راجپوت، شبير احمد سيال، ممتاز ابڙو، رجب سولنگي، عبدالوحيد چانڊيو، عبدالوهاب مغيري ۽ ٻين چيو ته هٿ وٺي ضلعي لاڙڪاڻي مان سٺي آفيسر کي هٽائي ملازم آفيسر ڪريم بخش ڀٽو کي مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ضلعي قمبر شهدادڪوٽ ۾ پڻ غير قانوني طريقي سان ڪرپٽ آفيسر اورنگزيب ڀٽو کي مقرر ڪري کيس ڊي ڊي او پاور ڏنا ويا آهن، جيڪو ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو جو نالو استعمال ڪندي ملازمن کي ڌمڪائي رهيو آهي، جنهن عمل جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪريون ٿا. جنهن عمل جي پڻ اسان مذمت ڪندي گهر ٿا ڪريون ته ضلعي لاڙڪاڻي ۽ قمبر شهدادڪوٽ جي ملازم دشمن آفيسرن ڪريم بخش ڀٽو ۽ اورنگزيب ڀٽو کي فوري طور تي هٽايو وڃي.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button