لاڙڪاڻي جي ايوب ڪالوني واسي فارما ڪمپني ملازم نوجوان ٽن ٻارڙن جي واپسيءَ لاءِ پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. نوجوان عبدالحسيب تنيو دانهيو ته سال 2018ع ۾ لهر ڪالوني واسي زڪريا خان پٺاڻ جي ڌيءَ ڪائنات سان شادي ٿي هئي، جنهن مان ٽن ڌيئرن جي اولاد آهي، شادي بعد سس زاهده پٺاڻ، سالا ذيشان پٺاڻ، فرمان پٺاڻ، سلمان پٺاڻ ۽ عاقب پٺاڻ وارا گهر واري کي معمولي ڳالهين تان ورغلائي طلاق لاءِ زور ڀريندا هئا، انڪار تي هنن ڌمڪيون ڏنيون جنهن ڪري مون بيزار ٿي 3 مهينا اڳ گهر واري ڪائنات کي طلاق ڏني، جنهن بعد گهرواري ٽنهي ٻارن 5 ورهين جي آمنا، 4 ورهين جي عفت ۽ 11 مهينن جي ڪشف کي پاڻ سان گڏ کڻي وئي، مون معصوم ٻارڙن سان ڪيترائي ڀيرا ملاقات جي ڪوشش ڪئي پر ساهرن ملاقات جي اجازت نه ڏني، خبر ناهي ته منهنجا ٻارڙا ڪهڙي حال ۾ آهن جن جي حياتين کي خطرو آهي، جنهن ڪري مون 2 مهينا اڳ ٻارن جي حوالگي بابت لاڙڪاڻي جي فيملي ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪرائي آهي، منهنجي ٻارڙن جي حياتي کي خطرو آهي. هن لاڙڪاڻي جي ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي کي اپيل ڪئي ته ساهرن خلاف ڪارروائي ڪري ٻار مون حوالي ڪري انصاف ڪيو وڃي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close