عورتن جي ڀلائي واري کاتي جي صوبائي وزير شهلا رضا چيو آهي ته معاشري ۾ مختلف قسم جي تشدد جو شڪار ٿيل عورتن لاءِ عورتن جي ترقي وارو کاتو هر طرح جي قانوني ۽ لاجسٽڪ مدد فراهم ڪرڻ جو ڪم ڪري ٿو. اڪثر ڪيسن ۾ ڇوڪرين جا والدين وقت سر اغوا ظاهر نه ڪندا آهن، جنهن ڪري مسئلن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن اڄ دارالامان قاسم آباد حيدرآباد جي دوري جي موقعي تي پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته ننڍي ڄمار جي ڇوڪرين جي شادين بابت ڳالهائيندي هن چيو ته اهڙي طرح جا تمام گهڻا ڪيس سوشل ميڊيا ذريعي سامهون ايندا آهن. والدين به ٻارن جي شادين جا ڪيس منظر عام تي آڻڻ تي تيار نه هوندا آهن، تنهن هوندي به نياڻي جو لفظ ٻڌي عورتن جي ترقي وارو کاتو اڳيان وڌي متاثر ٿيلن کي معاونت فراهم ڪندو آهي. هن چيو ته ننڍي ڄمار جي شادين ۽ عورتن تي تشدد جو هڪ سبب تعليم ۽ آگاهي جي کوٽ آهي. هن چيو ته هر گم ٿيندڙ ڇوڪري جو واقعو اغوا جو واقعو نه هوندو آهي.
سان لاڳاپيل آرٽيڪل
پڻ چيڪ ڪريو
Close