اسلام آبادپاڪستان

ڪراچي ۾ فوري طور تي مڪاني چونڊون چاهيون ٿا:اليڪشن ڪميشن

اسلام آباد : اليڪشن ڪميشن ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن جي حوالي سان فيصلو محفوظ ڪري ورتو. وفاقي حڪومت ڪراچي ۾ بلدياتي اليڪشن لا رينجرز ڏيڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو. چيف اليڪشن ڪمشنر سڪندر سلطان راجا جي سربراهيءَ ۾ پنج رڪني بئنچ ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن بابت داخل درخواست تي شنوائي ٿي. ان دوران چيف سيڪريٽري سنڌ، آءِ جي سنڌ، سنڌ سرڪار جو ترجمان مرتضيٰ وهاب، حافظ نعيم، وسيم اختر ۽ ٻيا اليڪشن ڪميشن ۾ پيش ٿيا. اسپيشل سيڪريٽري اليڪشن ڪميشن ظفر اقبال ڪميشن کي ٻڌايو ته ٻوڏ سبب مڪاني چونڊون ملتوي ڪيون ويون، سنڌ سرڪار 90 ڏينهن لاءِ مڪاني چونڊون ملتوي ڪرڻ جي منظوري ڏني آهي. اليڪشن ڪميشن ڪراچيءَ ۾ چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي. ان دوران اليڪشن ڪمشنر سوال ڪيو ته گهرو وزارت ٻڌائي ته مڪاني چونڊن لاءِ ايف سي ۽ رينجرز جي ڇا پوزيشن آهي، ان تي گهرو وزارت جي عملدارن چيو ته فورسز اڃا تائين ٻوڏ ۽ امن امان قائم ڪرائڻ ۾ رُڌل آهن. اسان سيڪيورٽي ڏيڻ جي پوزيشن ۾ نه آهيون، صورتحال ان قابل ناهي جو اسان سول آرمڊ فورسز کي ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن لاءِ مهيا ڪري سگهون. ان موقعي تي مرتضيٰ وھاب موقف اختيار ڪيو ته پهرين مرحلي ۾ حڪومت شيڊول موجب چونڊون ڪرايون، برسات ۽ ٻوڏ سبب ٻئي مرحلي واريون چونڊون ملتوي ٿيون. سنڌ ۾ 52 کان 30 سيڪڙو علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي، ڪراچي ۾ مڪاني چونڊن لاءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ انتظامي عملو مهيا ڪرڻ ممڪن ناهي. ڪراچي ۾ 4900 پولنگ اسٽيشنز آهن جن مان 1300 حساس آهن، هر پولنگ اسٽيشن تي 8 اهلڪار گهربل هوندا. چيف اليڪشن پڇاڻو ڪيو ته ڇا اوهان سيڪيورٽي ڏيڻ جي پوزيشن ۾ نه آهيو؟ ڪالهه ته سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ اوهان چيو ته اوهان چونڊن لاءِ تيار آهيو، مڪاني چونڊن جي تاريخ ڏيڻ اليڪشن ڪميشن جو اختيار آهي. سنڌ حڪومت اليڪشن ڪميشن جي اختيار کي قانون ذريعي گهٽائي نٿي سگهي. چيف اليڪشن ڪمشنر چيو ته مڪاني چونڊون 120 ڏينهن اندر ٿيڻ گهرجن، صوبائي حڪومتون مڪاني چونڊون ڪرائڻ کان لنوائي رهيون آهن، پهريان به صوبي ڏاڍي تڪليفن سان چونڊون ڪرايون، پنجاب ۾ به مڪاني چونڊون ڪرائڻ ۾ ڏکيايون پيش اچي رهيون آهن ته پر اسان اليڪشن ڪرائي وٺنداسين. اسان ڪراچي ۾ فوري چونڊون چاهيون ٿا. سنڌ پوليس جا اهلڪار اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي لا مقرر آهن، ڪراچي بلدياتي اليڪشن لا ڇو نه پنجاب جي پوليس کي مقرر ڪيو وڃي. ان دوران پي ٽي آءِ جي وڪيل چيو ته 90 ڏينهن دوران چونڊون ڪرائڻ تي اسان کي ڪو اعتراض ناهي. اليڪشن ڪميشن ڌرين جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ مڪاني چونڊن واري معاملي تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو.

سان لاڳاپيل آرٽيڪل

Leave a Reply

Your email address will not be published. Required fields are marked *

Back to top button